توتي جي سنڌي معنيٰ
تون تي، تون مٿان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On you.
توتي جا بيتن ۾ حوالا
ڏَکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
توتي لَڄَ لَطِيفُ چئَي، آھي سَندِي عامَ،
مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنھِيان ڪانڌَ ڪَلامَ،
پَرچِي پُڇُ پِيادِيُون، اللهَ لَڳِ عَلامَ،
جا نَوازِي آن جي نامَ، سا ھوتَ نَہ ڇَڏِجِ ھيڪَلِي.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 14 ]

ويٺي مَنجِهہ وَٿاڻَ، ڪَنڌِ جَهلبين ٻَڪِرا،
توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ،
اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 8 ]
توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ،
اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 8 ]
اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو،
سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان،
توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 33 ]
سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان،
توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 33 ]
English Meaning
On you.