بِرَھمَڻِ جي سنڌي معنيٰ
ڪٿائن موجب سسئيءَ جي آباڻي ذات. هندو عقيدي موجب بِرهما جي مُک مان پيدا ٿيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Paretal surname of Sassui. In Hinduism, Brahman connotes the highest universal principle, the ultimate reality in the universe.
بِرَھمَڻِ جا بيتن ۾ حوالا
اُڀِرَئو آفِتابُ، بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾،
پَلَڪَ ڪِرِئا پَلڪَنِ تي، پَسِي تَنھِن جو تابُ،
اِيءُ پُڻ غَيرَ حِسابُ، جِيئَن چورِيءَ ڄامُ چَڙِھِي وِئو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 12 ]

جُهولي جُهڻِڪَ جُهِني ڪِي، ويٺِي ٻُڪي ٻاڦَ،
آيَمِ تَنِ اُٺَنِ سين، جَنِ جا پيرَ ڌُڌا ڌَڙَ دافَ،
لَنگهِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَڙٻنگَ تافَ،
ٻِي ڪيرَ لَنگهِيندِي ڪافَ، ھِيءُ بَرُ بِرَھمَڻِ باسِئو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 13 ]

ھاڙِھي ويندا ھوتَ مُئِيءَ جا، آيَلِ جِيجَلِ آن ڪي ڏِنا،
بَرَ ۾ بِرَھمَڻِ کي، ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏِيندا،
موٽِي ھِنَ مَعذُورِ تي، واڳُون وارِيندا.
[ سُر حسيني، وايون، 20 ]

ھاڙھي ويندا ھوتَ مُئيءَ جا، آيَلِ جِيجَلِ آن ڪي ڏِٺا،
بَرَ ۾ بِرَھمَڻِ کي، ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏِيندا،
موٽِي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، واڳَ شالَ وارِيندا.
[ سُر حسيني، وايون، 28 ]

سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊينَ پيياسِ،
ڪيرَ بِرَھمَڻِ ڪَنِ جي، ڪيرَ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟
ھُوندَ نَہ سِنڌُ سُياسِ، پُرِيي ڪِيَسِ پَڌِرِي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 20 ]

رائو سَڄائِي راتِ، اوٺِيَنِ گهَڻو اُڇَلِئو،
بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جِيءَ تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، سَڳَرِ ٿِيندِي ساٿَ جي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 13 ]
بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جِيءَ تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، سَڳَرِ ٿِيندِي ساٿَ جي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 13 ]
English Meaning
Paretal surname of Sassui. In Hinduism, Brahman connotes the highest universal principle, the ultimate reality in the universe.
بِرَھمَڻِ ٻول جا زمرا