بَرِ جي سنڌي معنيٰ
رڻ پٽ، بيابان پاسي يا طرف. (جتي انساني آبادي نہ ھجي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To the barren plain, a desert, waste.
بَرِ جا بيتن ۾ حوالا
جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]

آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بَرِ چَڙِهي بانڪا،
ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، چَڙَھَندي چَڙَھَندي چَڙاھاڪا،
ھُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جا ڪا، وِئا پُڄائي پانھِنجِي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 2 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، بَرِ ڪاھي بوتا،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھيڪَرَ اَئِين ھوتا،
مارِينِ ٿا مَعذُورِ کي، گُنگَنِ جا گوتا،
ايھِيءَ پَرِ پَھتا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 4 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، باڪا چَڙِهي بَرِ،
جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ،
ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،
ٻاروچا ٻَرِ ٻَرِ، راتِ نَہ رَھِئا ھَيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 5 ]

واءَ وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جَنھِن پَنڌُ ڪَرِيان،
ڇَٽا ڇَپَرِ پِرِينءَ جو، پيرُ پَرنِئان تو،
بَرِ بُورائُو جو، سو لَڳِي مَتان لَٽِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 22 ]