بَرابَرِ جي سنڌي معنيٰ
هموار، سنئون، سِڌو. هِڪجھڙو، ثاني، مَٽ. ڀيچي. هموزن. پُورو، ٺيڪ، صحيح، درست.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Even, level, plain, abreast, in a row, equal, alike, right, correct, complete, entire, straight, direct, entirely, continually, unintermitting.
بَرابَرِ جا بيتن ۾ حوالا
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ بَرابَرِ لَکُ،
رُپو جَنھِن رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَھِين کي ڪَکُ،
مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ نَہ لائِيان تُنھِنجو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 4 ]

جيڏانھَن قاتِلَ ڪُلَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي،
مَٿو ڪَنِ نَہ مُلَ، پِڪَ بَرابَرِ پانھِنجو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 5 ]

سَؤُ سِرَنِ پائي، جانۡ تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏاھَن ٻِيجَلُ ٻُرائي،
سَکِڻو ھَڏِ آھي، ھِنَ سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 18 ]

چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان،
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]

اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾،
آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ،
سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ مَ قَرِيبَنِ ري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 2 ]

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون،
پَٽولا پَنوَھارَ کي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون،
وَرُ لوئِيءَ لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامِ جَا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 3 ]

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 6 ]

لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]