بوڇَ جي سنڌي معنيٰ
بڇڙائي، بَدِي. گناھ. چٽي. بُڇان، ڪراهت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Badness, evil, sin, crime.
بوڇَ جا بيتن ۾ حوالا
ھُلِي ھارُ وِئو، ھو بَھانو بوڇَ جو،
وَرَ تُون ٿو وِلِهِيُون ڪَرِيين، ڏوٻاسا ڏِئو،
ھَٿان مُون پِئو، تُون کَمين نَہ کانڌيلا سُپِرِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 13 ]
وَرَ تُون ٿو وِلِهِيُون ڪَرِيين، ڏوٻاسا ڏِئو،
ھَٿان مُون پِئو، تُون کَمين نَہ کانڌيلا سُپِرِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 13 ]
اي مِيان سَڄَڻَ، تو ري ڪِيئَن رَھندا نيڻَ مُنھِنجا،
جَنِ جو آڌارُ تُون،
جِئائِين اُلَهي اُڀَري، توڙي تِئائِين پَري،
توءِ وَڃِبو تَنِ ڏي، اَکڙِيُون پيرَ ڪَري،
بَخشِين بوڇَ بُڇايُون، ڪَچايُون ڪوڙيِين،
ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو، سَگهان آئُون نَہ چوري.
[ سُر آسا، وايون، 2 ]