اَگَلِي جي سنڌي معنيٰ
ميري، گدلي، ڇيڳري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ugly, unpleasant or repulsive, especially in appearance. Nasty, unpleasant.
اَگَلِي جا بيتن ۾ حوالا
مُنھِنجِي مَحبُوبَنِ، ڪَچِي ڪِئَڙِي ڪا نَہ ڪا،
توڻي اَگَلِي آھِيان، تان پِي سَندي تَنِ،
جا مُون ڏيئِي جَنِ، مُنھِنجُون ڍِلِيُون سَڀَ ڍَڪايون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 13 ]
توڻي اَگَلِي آھِيان، تان پِي سَندي تَنِ،
جا مُون ڏيئِي جَنِ، مُنھِنجُون ڍِلِيُون سَڀَ ڍَڪايون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 13 ]
ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ ۾ پَئِي،
اَچِئو اَچِئو اَگَلِي، چَئي لِيلان کي لوڪُ،
اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ،
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِئو ويچارِيءَ وِسَرِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 10 ]
اَچِئو اَچِئو اَگَلِي، چَئي لِيلان کي لوڪُ،
اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ،
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِئو ويچارِيءَ وِسَرِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 10 ]
لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾،
ٻِيُون سَڀَ سُگَلِيُون، اَگَلِي آئُون،
صِدِقُ صَدائُون، ڪِھَڙِيُون ڪَرِيان تَنِ سين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 4 ]
ٻِيُون سَڀَ سُگَلِيُون، اَگَلِي آئُون،
صِدِقُ صَدائُون، ڪِھَڙِيُون ڪَرِيان تَنِ سين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 4 ]
لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏِ اَگَلِي آھِيان،
پَکا سي پَرتاءِ، جٖي اَجهي تُنھِنجي اَڏِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 23 ]
پَکا سي پَرتاءِ، جٖي اَجهي تُنھِنجي اَڏِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 23 ]
لاکا لَکَ سُڄَنِ، آئُون واڏِڻِ اَگَلِي،
پَلَئِہ لَڳِي جَنِ، اوڏَ پِہ آجا ٿِئا،
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 5 ]
پَلَئِہ لَڳِي جَنِ، اوڏَ پِہ آجا ٿِئا،
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 5 ]
تاڃِي تورِيائُون، نَہ عَيبَ نِکَتا اَڳِيان،
ڪوٺي ڪاپائِتِيَنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون،
اَگَلِي آيُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَہ ٿِئا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 42 ]