اَکِيُنِ جي سنڌي معنيٰ
اک جو، اکين جو، سکين لاءِ، اک لاءِ وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of eyes, eyes
اَکِيُنِ جا بيتن ۾ حوالا
عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، بارِي توکي بانَ،
اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِيين، ماڳِ ھَڻِئو مَستانَ،
جانِبَ تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سين ايڏا ڪَريين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 3 ]
اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِيين، ماڳِ ھَڻِئو مَستانَ،
جانِبَ تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سين ايڏا ڪَريين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 3 ]
مانَ ٻاروچا ھُونِ، ڏِٺَمِ اُٺَ اَکِيُنِ سين،
جَنِي ڌاران پُونِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 27 ]
جَنِي ڌاران پُونِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 27 ]
يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي،
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ،
جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ جِي، آھِ حُسُنَ جِي هاڪَ،
سُرمو سَھِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
عَبدِالْلَطِيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 11 ]

پاڙي ويڄَ ھُئامِ، تان مُون مُورِ نَہ پُڇِئا،
تيلاھِين پِئامِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 27 ]
تيلاھِين پِئامِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 27 ]
عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا تو،
ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 6 ]
ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 6 ]
ڪَنھِن ڀِنڀُولِيين ڪَرَھا، ڪَنِي ڪامَڻ ڪِياءِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ ڳَٺاءِ،
وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ، ٻَڌو جِيئَن گَهاڻي وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 15 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ ڳَٺاءِ،
وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ، ٻَڌو جِيئَن گَهاڻي وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 15 ]
نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪَنھِن ڪامَڻ ڪِئاسِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
چَري نَہ مِصرِيءَ سَنگَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري،
اَکِيُنِ مَٿي اَنگَ، مَيي کي مَجازَ جا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 38 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَنگَ، مَيي کي مَجازَ جا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 38 ]
ڪَرَھو توءِ نَہ مُون، وِئو دَرِياھان پارِ،
پَنجُوڙِڪِي پيرَنِ ۾، ڪَرھي سِنئَن ڪَپارِ،
نَڪِي لَهرِ لوڙِھِئو، نَڪِي ٻوڙئو تارِ،
اَکِيُنِ جي آرِ، تَرِي وِيو واھڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 52 ]
پَنجُوڙِڪِي پيرَنِ ۾، ڪَرھي سِنئَن ڪَپارِ،
نَڪِي لَهرِ لوڙِھِئو، نَڪِي ٻوڙئو تارِ،
اَکِيُنِ جي آرِ، تَرِي وِيو واھڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 52 ]
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]