اَچو جي سنڌي معنيٰ
پھچو، آئو، رَسو، پُڄو، حاضر ٿئو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Come, come forth, be present here.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اَچو جا بيتن ۾ حوالا
اُڀو ڪَري سَڏَ، ميھارُ مَلاحَنِ جي،
اَدا اِنَهِيءَ پارَ جا، مُوڙي اَچو مَڏَ،
وِئا جٖي وَھَ گَڏَ، سي ھَلو تَہ ڏورِيُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 6 ]
اَدا اِنَهِيءَ پارَ جا، مُوڙي اَچو مَڏَ،
وِئا جٖي وَھَ گَڏَ، سي ھَلو تَہ ڏورِيُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 6 ]
جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ،
اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 17 ]
اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 17 ]
جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي،
اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاھي لَڏَ،
اَگَلَنِ کي اوڏو وِھي، گَندا ڪَري گَڏَ،
ڪِھڙا جَڏَ جَڏوئِيين، جُودَ مَهِندان جَڏَ،
اَڳِئان عَجِيبَنِ جي، مُشُڪِلُ ڪينِهي مَڏَ،
آدَمُ تِئان خَلَقِئو، ھُوءَ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي، ڄامَ پَرتَئِي لَڏَ،
جِيءُ جِيءُ تَماچِي ڪَري، سُڻِئو نُورِيءَ سَڏَ،
ادا اِنَهِيءَ پارَ جا، موڙي اَچو مَڏَ،
غافِلِي ڪُفرِي، ايڪَ نَہ سُئَيءِ سَڏَ،
ھُوءِ جُنبِئا جابانَ ڏي، تُون سُتو ساھِيين ھَڏَ.
اَوِلِيَ ۾، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻَ ڏِيندو سَڏَ.
[ سُر رِپ، وايون، 1 ]

وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا،
پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ،
اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 5 ]
پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ،
اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 5 ]
English Meaning
Come, come forth, be present here.