اَوَڳُڻَ جي سنڌي معنيٰ
خراب لڇڻ، بڇڙيون خصلتون، بدعادتون. بڇڙا ڪم. عيب، گهٽتائيون، نقص، بُرائيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bad habits, faults, sins, badnesses.
اَوَڳُڻَ جا بيتن ۾ حوالا
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، راڻا ڇَڏِ رِياءُ،
ميٽِ مَدايُون موٽُ تُون، ڪَري نِرتِ نِياءُ،
لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي، ڪونِهي سُونھَن سِياءُ،
اَوَڳُڻَ ڍَڪي آءُ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 11 ]

پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، اَڱَڻِ جي اَچَنِ،
مُنھَن ۾ مَدِيُون تَنِ کي، ڏِسَڻَ سان نَہ ڏِجَنِ،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مُٺايُون، ڍَڪَڻُ ٿِي ڍَڪِجَنِ،
توڻِي ڪَچِيُون ڪَنِ، مُعافِي ڪِجَنِ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 24 ]

ڪَثافَتَ جا ڪاڪِ جِي، مَينڌَري مِٽِئامِ،
اَوَڳُڻَ عَيبَ سَندامِ، سَڀَ ڍولي ڍَڪي ڇَڏِئا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 31 ]

مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين،
ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ،
اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،
جِيئَن سِڪَنِ تِيئَن سَچُ، جِيئَن سَڙَنِ تِيئَن سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 9 ]

آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]

اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا،
جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ،
سائِينءَ لَڳِ سَتارَ، ميٽِ مَدايُون مُنھِنجون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 1 ]

عَيبَ نَہ اَچَڻُ ڏِينِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ ڏي،
اَڳِئان اَکِيُنِ سامُھان، اُڀائِي آھِين،
اَوَڳُڻَ پاسي ٿِيَنِ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 4 ]

پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]

جيڪُسِ ڪي ڪِئامِ اَوَڳُڻَ اَباڻَنِ سين،
تيلاھِين ٿِئامِ، سُکِنَئُون سُورَ گَهڻا.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 16 ]