اَندَرَ جي سنڌي معنيٰ
انتر، ڀِيتر، اندريون ڀاڱو، منجهہ، وچُ. دل، قلب. راز، ڳجهہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Inside, innermost, deep down
اَندَرَ جا بيتن ۾ حوالا
اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀَ وِسارِ،
اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 17 ]
اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 17 ]
مُون ڀانيو مُون گهَرِ، ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ،
ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 3 ]
ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ،
ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 3 ]
جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا،
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرَ ناھِ اُساٽَ،
لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 2 ]
لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 2 ]
گهُوماٽِيُون گهُمَنِ، اَندَرَ سَندَنِ اَنِراَ،
آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 20 ]
آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 20 ]
جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري،
اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ،
مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ پُورَڀَ جِي پَچارَ،
لائي وِئا لَطِيفُ چئَي، اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَنِ ساڻُ سَتارَ، لاھُوتان لالُ ٿِيان.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 14 ]

مَٿا موھَ ٿِيانِ، سَدا سُوائِتا ڪاپَڙِي،
ڪوٺي ڪَنھِن نَہ پُڇِئا، تَہ ڪِ اَندَرَ اَندوھِيانِ،
جيڪا ڄَمارانِ، سا گُوندَرِين گُذَرِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 4 ]
ڪوٺي ڪَنھِن نَہ پُڇِئا، تَہ ڪِ اَندَرَ اَندوھِيانِ،
جيڪا ڄَمارانِ، سا گُوندَرِين گُذَرِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 4 ]
کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ سَناسِيين،
اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ،
اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،
اَوَسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 4 ]
اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ،
اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،
اَوَسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 4 ]
اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، سَندِي بابُوئنِ بانسَ،
وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، وِلِها ڪَري واسَ،
جَنِ جِي اَندَرَ ۾ اُداسَ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 14 ]
وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، وِلِها ڪَري واسَ،
جَنِ جِي اَندَرَ ۾ اُداسَ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 14 ]
پيھِي وِئا پاڻ ۾، ٿا وھسَنِ ويروتارَ،
لَڳي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، تَن کي اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَڙا سَتارَ، گَنگا گَجِي گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 25 ]
لَڳي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، تَن کي اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَڙا سَتارَ، گَنگا گَجِي گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 25 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
internal (adj.) early 15c., "extending toward the interior," from Medieval Latin internalis, from Latin internus "within, inward, internal," figuratively "domestic," expanded from pre-Latin *interos, *interus "on the inside, inward," from PIE *en-ter- (source also of Old Church Slavonic anter, Sanskrit antar "within, between," Old High German unter "between," and the "down" sense of Old English under); suffixed (comparative) form of root *en "in."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Inside, innermost, deep down