اوسِيڙو جي سنڌي معنيٰ
انتظار، اُڊڪو، اونو. فڪر، ڳڻتي، چنتا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Expectation, looking for, anxiety, solicitude.
اوسِيڙو جا بيتن ۾ حوالا
ووءِ ووءِ وِڏوڻا، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا،
مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا،
لاٿُمِ نَہ توڙان، ماءَ اوسِيڙو اُنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 4 ]
مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا،
لاٿُمِ نَہ توڙان، ماءَ اوسِيڙو اُنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 4 ]
کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين،
اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 27 ]
اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 27 ]
ڪانگَلُ نَہ ڪُوڙو، جَو کُڏِ چَڙِهئو ڏي خَبَرُون،
اَچي وَڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دُوڙو،
جَو اَندَرِ اوسِيڙو، سو لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 23 ]
اَچي وَڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دُوڙو،
جَو اَندَرِ اوسِيڙو، سو لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 23 ]
سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين،
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ،
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ ٿِئو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 16 ]
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ،
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ ٿِئو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 16 ]
نَہ لاکو نَہ لوڙِ، نَہ آھي اوسِيڙو،
سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ،
ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 15 ]
سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ،
ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 15 ]
English Meaning
Expectation, looking for, anxiety, solicitude.