اورانگهي جي سنڌي معنيٰ
مٿان لنگهي وڃي. ٽپي وڃي. حڪم يا منٿ نہ مڃي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Went, step over.
اورانگهي جا بيتن ۾ حوالا
آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ،
آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ،
ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي ڪِي روءِ،
اَوِھِين ڇَڏي وَڃو ڇَپَرين، ڏُکِي ڪِھَڙي ڏوھِ،
ڪو پُرِي پِرِينءَ چوءِ، تَہ مُٺِيءَ ماتَمُ آيو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 23 ]

آتَڻُ اورانگهي وِئا، اَڱَڻِ مُون اَفسوسُ،
ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آھي سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 24 ]
ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آھي سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 24 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، آئُون ٿِي مَران ماءُ،
پِٿُون ٿيِندِيَس پيرَ تي، ھئَي ھئَي ڪَري ھاءِ،
جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِرِيَنِ تان پاسو ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 25 ]
پِٿُون ٿيِندِيَس پيرَ تي، ھئَي ھئَي ڪَري ھاءِ،
جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِرِيَنِ تان پاسو ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 25 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، ڪَري ڪَمِيڻِي ڪِيئَن،
ھاڻي گُهرِجي ھِيئَن، جِيئَن ڏِجي باھِ ڀَنڀورَ کي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 26 ]
ھاڻي گُهرِجي ھِيئَن، جِيئَن ڏِجي باھِ ڀَنڀورَ کي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 26 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻِ،
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھُنِ پُڄَندي ھاڻِ،
رائي ۾ رِھاڻِ، ھَلُ تَہ ٿِئي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 27 ]
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھُنِ پُڄَندي ھاڻِ،
رائي ۾ رِھاڻِ، ھَلُ تَہ ٿِئي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 27 ]
وانءُ اورانگهي اورِيان، پِيءُ مَ طَھُورا،
وِچان جي وِصالَ کي، اِي سَڀَ اُجُورا،
حاصِلُ حُضُورا، سَمي جي سَڀَ ٿِئي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 3 ]
وِچان جي وِصالَ کي، اِي سَڀَ اُجُورا،
حاصِلُ حُضُورا، سَمي جي سَڀَ ٿِئي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 3 ]
English Meaning
Went, step over.