آسائو جي سنڌي معنيٰ
اميدوار، آس ڪندڙ، اميد ڪندڙ، چاهيندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who hopes, an expectant, hopeful.
آسائو جا بيتن ۾ حوالا
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ،
پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 22 ]
دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ،
پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 22 ]
جَي تُون آسائو آھِين، تَہ ھَلِي پَسُ حَبِيبُ،
تُرِتَ ۾ طَبِيبُ، ٿِيندو وَڏَلُ واڍوڙِيَنِ جو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 20 ]
تُرِتَ ۾ طَبِيبُ، ٿِيندو وَڏَلُ واڍوڙِيَنِ جو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 20 ]
جَي تُون آسائو آھِين، تَہ وانءُ جَکِري لائي،
مَتان وَڙُ وڃائِيين، ڪَنھِن ٻي دَرِ لِيلائي،
سَمي سامائي، چِندا لاٿِي چارَڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 21 ]
مَتان وَڙُ وڃائِيين، ڪَنھِن ٻي دَرِ لِيلائي،
سَمي سامائي، چِندا لاٿِي چارَڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 21 ]
جَي تُون آسائو آھِين، تَہ چانئُٺِ ٻِي مَ چوڙ،
ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ،
اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون ڇانگُون ڪِئو ڇوڙِ،
تَنھِن سَيِّدَ وَڏِي سوڙِ، جَنھِن ۾ مَٿو ھَنيو مَڱڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 22 ]
ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ،
اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون ڇانگُون ڪِئو ڇوڙِ،
تَنھِن سَيِّدَ وَڏِي سوڙِ، جَنھِن ۾ مَٿو ھَنيو مَڱڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 22 ]
جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ پانڊَپَ پاسِ،
گهوڙا ھِيرَوَ ھَٿِيا، وَٺِي آءُ وَٽانسِ،
پَريندي پِئاسِ، سُتِي سَخاوَتَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 19 ]
گهوڙا ھِيرَوَ ھَٿِيا، وَٺِي آءُ وَٽانسِ،
پَريندي پِئاسِ، سُتِي سَخاوَتَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 19 ]
English Meaning
One who hopes, an expectant, hopeful.