ھَڻي جي سنڌي معنيٰ
چُٽَي، ڌَڪَي، ڦھڪائي، ڌَڪَي، مارَي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Throw, thurst, injure
ھَڻي جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا ڪَري،
پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 10 ]

ھِڪُ ھَڻي جو ھَٿُ کَڻِي، ٻِئو جو جَهلي گَهاءُ،
اِنِهِيءَ سُورَ سَماءُ، آھي ٻِنِ ڄَڻَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 33 ]

دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي رَنگُ،
ڳورِيءَ ھيٺِ اَيَنگُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 1 ]

دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي چيتُ،
ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 2 ]

لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو آھِيان،
سُورِھُہ پِرِين سَندومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 12 ]

ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون،
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]

سَوين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مَھِراڻُ،
وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 17 ]

پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ،
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]

ھئَي ھئَي ڪِئو ھاءِ، ٿِي پاڻُ ھَڻي سِرِ پاھَڻين،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، جُوءِ جَتَنِ سَندِي جاءِ،
شُڪُرُ بارَ سَداءِ، جِيئَن سُتِيارِي ساٿِ مِڙي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 10 ]

پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِتِ،
جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 3 ]