گِهڙي جي سنڌي معنيٰ
اندر پوي، داخل ٿئي، نائي، (ڪنھن شئي جي اندر ۾ وڃي)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To come in water, come in.
گِهڙي جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙي ۽ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، تِلَ تَسُو توري،
ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِهڙي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 26 ]

جَي پِياري پاڻَ، ڪَرَھو تي پاڻِي پيئي،
اَڳي اِنَ نَياڻَ، اَڻَ ڪوٺِئو ڪو نَہ گِهڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 5 ]

جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ،
سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 3 ]

ھُنَ ڀَرِ نَہ ھِنَ، ويچارِي وَھَ وِچَ ۾،
نيڇُ نِھاري نَہ گِهڙي، تَنھِن ۾ پييَسِ تُنَ،
اللهَ ساڻُ اَمُنَ، آرا ڪَنھِن اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 13 ]

تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي،
ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي، پَھسَ پِريان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنِهي ڪَنڌِيين، نِتُ نِھاري نُورُ،
مَنجهان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 1 ]

ڪو جَو قَھَرُ ڪَلاچَ ۾، جَو گِهڙي سو ني،
خَبَرَ ڪو نَہ ڏي، تَہ رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 3 ]

سِياري سِھَ راتِ ۾، جَا گِهڙي وَسَندي مِينھَن،
ھَلو تَہ پُڇُون سُهڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن،
جَنھِن کي راتو ڏِينھَن، ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 19 ]

ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙَڪو مَنجِهہ دَرياھَ،
اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهائي ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 2 ]

ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ رَوئَي ۽ راتِيان گِهڙي،
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]