گَڏِ جي سنڌي معنيٰ
ڪَٺو ڪر، ڀيڙو ڪر، همراھِ، لاڳيتي، ساٿ ڪر، شامل ڪر، گڏائي، ساڻ ڪر، مشترڪ ڪر، سھڪاري ڪر، شراڪتي ڪر، ڀائيوار ڪر، حصيدار ڪريس، جوڙيدار، ٻِٽو، سَنگي، پتيار. جهجهو، گهڻو، هيڪاندو، زياده.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Joint, weld, meet, gather
گَڏِ جا بيتن ۾ حوالا
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ،
تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ،
نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 5 ]
تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ،
نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 5 ]
واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
لِيلان حِيلا ڇَڏِ، جَي تُون سُوڀِي سِکِيين،
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبِيءَ گَڏِ،
ھَڏِ نَہ چُوندَءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 7 ]
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبِيءَ گَڏِ،
ھَڏِ نَہ چُوندَءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 7 ]
ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ شَرَعَ جا ڇَڏِ،
مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 24 ]
مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 24 ]
جائُون ڪُجائُون، جُهوپو جهانگِيَڙَنِ جو،
سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ٻيلاسي ٻانھُون،
ڏِينھَڪُ وَڃَنِ ڏُٿَ کي، پارا پَراھُون،
اُنِين کي آئُون گَڏِ تَہ گُوندَرِ نَہ پَوان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 20 ]
سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ٻيلاسي ٻانھُون،
ڏِينھَڪُ وَڃَنِ ڏُٿَ کي، پارا پَراھُون،
اُنِين کي آئُون گَڏِ تَہ گُوندَرِ نَہ پَوان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 20 ]
ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھَڌِ،
لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ.
آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِ،
تَنُ طالِبَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 23 ]
لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ.
آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِ،
تَنُ طالِبَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 23 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ سَڀَيئِي ڇَڏِ،
اوڏو ٿِيءُ اَلِفَ کي، مَنُ مِيمَ سين گَڏِ،
ھِئان لاھُوتِي لَڏِ، تَہ گُرَ گَڏِجين ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 3 ]
اوڏو ٿِيءُ اَلِفَ کي، مَنُ مِيمَ سين گَڏِ،
ھِئان لاھُوتِي لَڏِ، تَہ گُرَ گَڏِجين ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 3 ]
English Meaning
Joint, weld, meet, gather