ڇَڏي جي سنڌي معنيٰ
ترڪ ڪري، ڦٽو ڪري. تياڳي. رِها ڪري، ڇوٽڪارو ڏيئي. معاف ڪري. (مُلڪ ڇڏڻ. ڇُوٽ ڏيڻ. درگذر ڪرڻ، نظرانداز ڪرڻ.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Leave, quit, get rid off
ڇَڏي جا بيتن ۾ حوالا
آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ،
آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ،
ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي ڪِي روءِ،
اَوِھِين ڇَڏي وَڃو ڇَپَرين، ڏُکِي ڪِھَڙي ڏوھِ،
ڪو پُرِي پِرِينءَ چوءِ، تَہ مُٺِيءَ ماتَمُ آيو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 23 ]

لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، يااللهَ مُون مُسافِرَ سُپِرِين،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
وِئا اوھَرِي اُوءِ، مُون کي ڇَڏي ماڳھِين،
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ،
گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 11 ]
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ،
گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 11 ]
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو ڇَڏي ساھَ،
ويچارِيءَ وڏِيُون ڪِيُون دانھُون مَنجِهہ دَرياھَ،
ٻَر ٻانھُن ڇڏِئو، وييَسِ چُڪِي واھَ،
مَدَدَ ريءَ ميھارَ جي، غَرَضَ سَڀَ گُناھَ،
نُورِي ڪَرِ نِگاھَ، ساھَڙَ لنگهِيان سِيرَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 17 ]

ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي وَھَڻُ اَچي ويلو ڪَري،
سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 23 ]
سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 23 ]
مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولا لَڏَ مَ لاھِ،
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو،
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
ڪُنَرَ ڪَڪا ڪَپِڙا، مُنڌَ لُڇي ڀَرِ لَڪَنِ،
يادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 12 ]
يادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 12 ]
ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا،
اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي،
ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 19 ]
اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي،
ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 19 ]
English Meaning
Leave, quit, get rid off