پيٽَ جي سنڌي معنيٰ
بدن جو هڪ ڀاڱو جنھن ۾ آنڊا اوجهري وغيرہ ٿين، شِڪم، معدو، گرڀُ، حَمَل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The belly, womb, the fetus in the womb.
پيٽَ جا بيتن ۾ حوالا
پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي سَندِيءَ ماءُ،
ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 35 ]

واھُڙَ وَھِين مَ شالَ، ڦِٽِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين،
پَسان تُنھِنجي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ،
جِيئَن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 28 ]

اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهرانِ،
مُنھَن مُقابِل سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ،
وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،
ڳَرا مَنجِهہ ڳُڻانِ، پِرِين وِجهان پيٽَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 22 ]

چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ،
ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ،
ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا گوڙَ،
ساري سَناسِيَن کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ،
ڪَڏِھِين پاسا پَٽَ تي، ڪَڏِھِين کَٽُنِ کوڙَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 2 ]

ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ،
اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 9 ]

ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي،
واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 10 ]

ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي،
پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن،
حالُ جَنھِن جو ھِينئَن، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 36 ]

ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جَو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي،
ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ،
جَنھِن جِي ٻولِيائِي ٻَر ٻَر، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 37 ]

ڇِنَلَ ڇَڄَ ھَٿَنِ ۾، ڪُلَهنِ ڪوڏارا،
پورِھِيي ڪارَڻِ پيٽَ جي، اُٿِيَنِ سَوارا،
اوڏَ پِہ ويچارا، لاکا وَڃَنِ لَڏِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 29 ]