وَڃَنِ جي سنڌي معنيٰ
هلن، اُسَھَن، روانو ٿين، پڌارجن، لڏن، ٽورن. لنگهڻ. گذري وڃن. (ويو، ويندو، ويل).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Go out, go away, leave
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
وَڃَنِ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ،
سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ،
ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي سَڏَ سُڄَنِ،
توڏِي اُتَئِي تَري، جِتِ وَسِيلا وَڃَنِ،
اُتي اَتارُنِ، ساھَڙَ سِيرَ لَنگَهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 8 ]

سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ،
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،
دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 24 ]
دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 24 ]
ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ،
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
سانگِ مَ وَڃَنِ سُپِرِين، مَرُ ھيڪاندا ھُونِ،
اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 10 ]
اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 10 ]
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا،
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واھُڙا،
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
وانءُ وَھِلِي نِڪِرِي، نَنگَرُ جانۡ نَہ کَڻَنِ،
مَڇُڻ ڏيھِ وَڃَنِ، نارِيُون پُوري ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 6 ]
مَڇُڻ ڏيھِ وَڃَنِ، نارِيُون پُوري ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 6 ]
آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،
مُون کي وِساري، شالَ نَہ وَڃَنِ اوھَرِي،
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 1 ]
مُون کي وِساري، شالَ نَہ وَڃَنِ اوھَرِي،
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 1 ]
English Meaning
Go out, go away, leave