وَٽَ وَٽَ جي سنڌي معنيٰ
ھر ھر يعني ھر ڀيري نرالي ونڊَ، نئين رنگ ۽ سواد واري ورڇ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A unque flavour in every turn.
وَٽَ وَٽَ جا بيتن ۾ حوالا
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
وَٺِئو وَڃِجِ وَٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
لوڻي ڦيرِ لَپاٽَ، لَڳَندِيَئِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 3 ]
لوڻي ڦيرِ لَپاٽَ، لَڳَندِيَئِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 3 ]
ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو سارا جَنَبُ گَيا،
گورَکُ گودَڙِيَنِ وَٽَ، آسَڻَ تي آيو،
آديسي عالَمَ کان، رُٺَڙائِي رَھو.
[ سُر رامڪلي، وايون، 7 ]
گورَکُ گودَڙِيَنِ وَٽَ، آسَڻَ تي آيو،
آديسي عالَمَ کان، رُٺَڙائِي رَھو.
[ سُر رامڪلي، وايون، 7 ]
تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي،
ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي،
حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي، لالِيءَ آئُون لُڇائِي،
صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي، مِٺِي آھِ مِٺائِي،
اُلُفَتَ ڪَرِ مَ اُنَ سين، قُرِبَ جا ڪَڙائِي،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ سين، وَحدَتَ وَٽَ وِرھائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 12 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ،
کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ،
پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ،
ساڻيھَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 4 ]
کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ،
پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ،
ساڻيھَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 4 ]
سيئِي سارِيان سُومَرا، هُو جي مارُو هُئا مِٽَ،
پَسان پَنوَهارَنِ جي سَندا چَونرَنِ چِٽَ،
ڪَرِيان وَلَھارِيين وَٽَ، وَڃِي ويڙهِيچَنِ سان.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 1 ]
پَسان پَنوَهارَنِ جي سَندا چَونرَنِ چِٽَ،
ڪَرِيان وَلَھارِيين وَٽَ، وَڃِي ويڙهِيچَنِ سان.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 1 ]
ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين،
اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾،
نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،
گَندَگِيءَ گوشو ڪِئو، عَطرَ اوتَ اوتِئائِين،
اَنڌا مَنڊا آيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو ھَنڌُ ڪونَہ مَٽِئائِين،
قِيمَتَ ڪَمِيڻَنِ سين، جِھَڙِي وَٽَ وَٽِئائِين،
پَسو جو پَيدا ٿِئو، جوھَرِي جِئائِين،
موتِي مَڇِيءَ ھَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِيئَن ڪَڍئائين،
ماڻِڪَ مِياڻِيءَ ۾، ڇِلُرَنِ جِيئَن ڇَٽِئائِين،
ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِئائِين،
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀَ گهورِئائِين،
پاڻِيَٺِ آڻي پاڻَ سين، لالُون لُٽِئائِين،
اُتي عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُڇَلي اَمُلَ ڏِنائِين.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 3 ]

پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، جِهيڻا ٿِئا نَکَٽَ،
ھارِي وييَئِي وَٽَ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 12 ]
ھارِي وييَئِي وَٽَ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 12 ]
English Meaning
A unque flavour in every turn.
وَٽَ وَٽَ ٻول جا زمرا