نِماڻِي جي سنڌي معنيٰ
نِھٺي، اڀماني، نِراهنڪاري، غُريب، مسڪين، حياءَ واري، اڌيُن، مايوس، نااُميد. ويڳاڻي، غمگين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who does not make a show or is little regarded by others, humble, lowly.
نِماڻِي جا بيتن ۾ حوالا
ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جي،
مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون، سَندا مَحَبتَ مِينھَن،
ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن کاري کيڙائُنِ جي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 7 ]
مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون، سَندا مَحَبتَ مِينھَن،
ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن کاري کيڙائُنِ جي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 7 ]
ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ رَوئَي ۽ راتِيان گِهڙي،
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]
واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
ڪِئائِين ڪيچِيَنِ لاءِ، جُسو جَلاوَتَ،
ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ،
ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 26 ]
ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ،
ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 26 ]
اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن،
ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن،
جُهونگارِيندي جَهنگَ ۾ ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينھَن،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جِي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن،
وَلِهِيءَ ھِتِ وَسائِيا، ميڙائي جا مِينھَن،
آن جَا ڇَڏِي ڇَپَرين، ڪيچِ رَسَندِي ڪِيئَن.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مانَ پَھچان سيڻَنِ سِيئن.
[ سُر ديسي، وايون، 1 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، بَرِ ڪاھي بوتا،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھيڪَرَ اَئِين ھوتا،
مارِينِ ٿا مَعذُورِ کي، گُنگَنِ جا گوتا،
ايھِيءَ پَرِ پَھتا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 4 ]
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھيڪَرَ اَئِين ھوتا،
مارِينِ ٿا مَعذُورِ کي، گُنگَنِ جا گوتا،
ايھِيءَ پَرِ پَھتا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 4 ]
جَتَنِ وِڌِيَسِ جارَ، نَہ تَہ ھُيَسِ نِماڻِي نِڪَڻِي،
ٿِئا پاڻَ قَرارِ، مُون مَنُ گَڏِيائُون گُوندَرين.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 2 ]
ٿِئا پاڻَ قَرارِ، مُون مَنُ گَڏِيائُون گُوندَرين.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 2 ]
آئُون ھَڏِ نِماڻِي، جَا ٻانِهيُنِ کي ٻائِي چَوان،
نِيو مُون کي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
پورِھِيَتِ ٿِي پاڻِي، ٻِيَنِ کان ٻِيڻو ڀَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 18 ]
نِيو مُون کي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
پورِھِيَتِ ٿِي پاڻِي، ٻِيَنِ کان ٻِيڻو ڀَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 18 ]
نالي نِماڻِي، ٻاجهارِي ٻَروچَ ري،
ڪِئائِين سَڱُ سَيِّدُ چئَي، ڄامَنِ سان ڄاڻِي،
پاڻِ تَہ پَرٽِياڻِي، ٿِيَسِ حِمايَتَ ھوتَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 19 ]