نِتُ جي سنڌي معنيٰ
هلندڙ، گڏيل، ڳنڍيل، مسلسل، لاڳيتو، هڪ ٻئي پٺيان، سدائين، هميشه، سَدا، مدام، دائم، دائما، هر وقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Always, continually, eternally, constantly.
نِتُ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي، تَہ سَڀَاڳوم سَنئُون،
نِتُ نِتُ آھِ نَئُون، مُون کي پَسَڻُ پَنوَھارَنِ جو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 5 ]
نِتُ نِتُ آھِ نَئُون، مُون کي پَسَڻُ پَنوَھارَنِ جو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 5 ]
جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي، چَيو ڪَنِ نَہ چِتِ،
نَئُون کاپارو نِتُ، ڪيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 31 ]
نَئُون کاپارو نِتُ، ڪيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 31 ]
عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ وَڻِي،
ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 5 ]
ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 5 ]
ڪَرَھو ڪَنگُوءَ ريٽَ تي، نيٽَ ڇِنائي نِتُ،
چانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساھَ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 35 ]
چانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساھَ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 35 ]
ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ،
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين،
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 30 ]
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 30 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ،
تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ،
نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 5 ]
تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ،
نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 5 ]
لَهِر لَڳيندَيِئِي نِتُ، وِيرِ چِيريِنِدَيِئِي مَڪُڙِي،
جَنِ جيڏاھِين چِتُ، تَنِ تيڏاھيِن ڍُڪَنديُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 18 ]
جَنِ جيڏاھِين چِتُ، تَنِ تيڏاھيِن ڍُڪَنديُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 18 ]
لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ،
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]
English Meaning
Always, continually, eternally, constantly.