نَڪو جي سنڌي معنيٰ
نہ، ڪير بہ نہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
No, not anyone.
نَڪو جا بيتن ۾ حوالا
ھيڏِيءَ ويرَ ڪِئا، ڪِينجُهرَ ۾ باھِہ ٻَري،
نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ،
نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ شُعاعُ،
لَٿو پاندُ مُهان، مي چَڙَھَندي مَڪُڙي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 26 ]
نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ،
نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ شُعاعُ،
لَٿو پاندُ مُهان، مي چَڙَھَندي مَڪُڙي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 26 ]
نَڪو ايرُ نَہ ڀيرُ، نَڪو اوٺِي آيو،
مُون وَٽِ آيو ڪو نَڪو، پَرِئان ڀَري پيرُ،
ڪِتابَتُون ڪيرُ، ڏِيندُمِ ڏيھايَنِ جُون.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 4 ]
مُون وَٽِ آيو ڪو نَڪو، پَرِئان ڀَري پيرُ،
ڪِتابَتُون ڪيرُ، ڏِيندُمِ ڏيھايَنِ جُون.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 4 ]
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،
عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 4 ]
عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 4 ]
نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ،
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 22 ]
ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ،
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 22 ]
نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو پُنهون پَنگُ،
ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ،
تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 15 ]
ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ،
تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 15 ]
نَڪو تَتو ڏِينھُن، نَڪو ليکو ئِي ٿِئو،
تِھان اوري نِينھُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 22 ]
تِھان اوري نِينھُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 22 ]
تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ،
ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا،
ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو،
آيُون جو آسَ ڪَري، مَرُ پاندِ تَنھِنجي پوءِ،
ڏِنُئِي نامَ اللهَ جي، سو سِرُ سُڳَندو ھوءِ،
جِمَ موٽائِيين مَڱِڻو، اُڀِي راڻِي خاتُونَ چوءِ.
[ سُر سورٺ، وايون، 2 ]

ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي،
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
تُون تان سَنبَھُ سَوارو، ڪاڪِ ڪَھَندين ڪَڏِھِين،
وَڃِي ھَڻَندَءِ اُتَھِين، جِتِ اوندَھِ اَنڌارو،
نَڪو ساٿِي سُڃَ ۾، نَڪو رِڃُنِ ريٻارو،
حامِي ٿِيندُءِ حَدَ ۾، سَيِّدُ سُونھارو.
[ سُر راڻو، وايون، 10 ]
وَڃِي ھَڻَندَءِ اُتَھِين، جِتِ اوندَھِ اَنڌارو،
نَڪو ساٿِي سُڃَ ۾، نَڪو رِڃُنِ ريٻارو،
حامِي ٿِيندُءِ حَدَ ۾، سَيِّدُ سُونھارو.
[ سُر راڻو، وايون، 10 ]
واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،
مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ،
نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ،
حاصِلُ جَنِي حالُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 9 ]
مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ،
نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ،
حاصِلُ جَنِي حالُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 9 ]
English Meaning
No, not anyone.