مَنجُهہ جي سنڌي معنيٰ
راز، لـِڪل ڳالهہ، ڳُجهہ، ڀيدُ، اسرار. لـِڪ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Secret, enigma, hidden story, confidential, classified
مَنجُهہ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تُون سِڪَڻُ سِکِئو، تَہ ڪاتِيءَ پيئِيءَ مَ ڪِنجُهہ،
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ،
اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪَري.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 14 ]
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ،
اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪَري.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 14 ]
ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، مُون کي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 14 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، مُون کي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 14 ]
سُورَنِ لَڌو سَنجُهہ، پاڻِهين پيھِي آيا،
ڪَنھِن کي ڏِيان مَنجُهہ، مَرُ ٿا چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 13 ]
ڪَنھِن کي ڏِيان مَنجُهہ، مَرُ ٿا چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 13 ]
جيڪا ڪَندِي مَنجُهہ، مُون جِيئَن ٻاروچَنِ سين،
مَٿان ڳَلَنِ ھَنجُ، ڪِينَ لاھِيندِي ڪڏِھِين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 16 ]
مَٿان ڳَلَنِ ھَنجُ، ڪِينَ لاھِيندِي ڪڏِھِين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 16 ]
سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي ھَنجُ،
پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ،
ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي ٿو مَنجِهہ وِڙِھي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 37 ]
پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ،
ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي ٿو مَنجِهہ وِڙِھي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 37 ]
English Meaning
Secret, enigma, hidden story, confidential, classified