لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ اِلَّا بِاذِنِ اللهِ جي سنڌي معنيٰ
”الله جي حڪم کان سواءِ ھڪ معمولي ذرڙو بہ نہ ٿو چُري سگهي.“
(حديث)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Not a tiny particle moves except by God's permission."
(Hadith)
لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ اِلَّا بِاذِنِ اللهِ جا بيتن ۾ حوالا
نُونَئُون نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،
اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جِي، وِھَڪَ تَنِ ويئِي،
سَناسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ ارتوئِي،
لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ اِلَّا بِاذِنِ اللهِ ، وسرِيَنِ ٻِي وائِي،
راوَلَ رِيجهائِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 25 ]

ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري،
وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري،
ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ سَري،
لَاْ يَفُوْتُ وَ لَاْ يَمُوْتُ ، سامِيَنِ ڪِينَ سَري،
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 27 ]

ھيڪَرَ ھُئَڻُ ڇَڏِ، تَہ اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي،
مَا راَيْتُ شَيْئاً اِلَّا وَرَاَيْتُ اللہَ فِيْهِ ، نيئِي اَجها اوڏاھِين اَڏِ،
تَہ ھوتُ تَوِھِين کان ھَڏِ، پِرِين پاسي نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 12 ]
مَا راَيْتُ شَيْئاً اِلَّا وَرَاَيْتُ اللہَ فِيْهِ ، نيئِي اَجها اوڏاھِين اَڏِ،
تَہ ھوتُ تَوِھِين کان ھَڏِ، پِرِين پاسي نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 12 ]
نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]