عَبدِالْلَطِيفَ جي سنڌي معنيٰ
شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهو سدا حيات شاعر آهي، جيڪو ڪنھن بہ تعارف جو محتاج نہ آهي. شاھ صاحب نہ صرف سنڌ، پاڪستان بلڪ دنيا جو تمام وڏو عالم، شاعر ،مدبر ۽ مفڪر هو. سندس ڪلام، فڪر ۽ فن، زبان ۽ ادب جي ڪيترن ئي خوبين سان مالا مال آهي. سندس عظمت ۽ شھرت جو وڏي ۾ وڏو سبب سندس اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعري آهي، جنھن ۾ سندس ڏات جو نور سنڌي سماج کي روشن ڪندو رهيو آهي. شاھ صاحب جي ڪلام ۾ سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ جو املهہ خزانو توڙي سياسي ،سماجي ۽ معاشي حالتن جو عڪس موجود آهي. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ذريعي انسانذات کي محبت، ڀائيچاري،امن، ايڪي،سِڪَ، پريت، محنت، جدوجھد، ديانتداري، اعليٰ انساني ۽ اخلاقي قدرن جو پيغام ڏنو ۽ ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ظلم، ناانصافي، ڪوڙ، ڪُپت، دغا، دوکي، مڪر ۽ فريب جي مخالفت ۽ نفي ڪئي آهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shah Abdul Latif Bhittai, commonly known by the honorifics Lakhino Latif, Latif Ghot, Bhittai, and Bhit Jo Shah, was a Sindhi Sufi mystic, and poet, widely considered to be the greatest poet of the Sindhi language.
عَبدِالْلَطِيفَ جا بيتن ۾ حوالا
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي،
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]

ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو،
پَٻُ پارَسَ ھوتَ پُنهونءَ، سَڀَيئِي سونُ ڪِئو،
سُرَھو ساٿُ سَيِّدَ جو، واسي وِندُر وِئو،
ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، اِي قَضا ڪَمُ ڪِئو،
آھي عَبدِالْلَطِيفَ جو، سَڌَرَ ساڻُ سِهو.
[ سُر حسيني، وايون، 17 ]

مَولو ڪَندو ماڙِ، مُنھِنجِي اللهُ ڪَندو،
ھادِي ڏيئِي ھَٿَڙا، مَنجهان چِڪَڻِ چاڙِھِ،
ھُو جو ويرِي واٽَ جو، سو سائِين نيئِي ساڙِ،
ڪِشتِي ڪَمِيڻَنِ جِي، اللهَ لَڳِ اُڪارِ،
ڪَلمُو چَئِي ڪَرِيمَ جو، سَڀَ لَنگهَندا پارِ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڏاتَرَ ڏيھُ ڏيکارِ.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 2 ]

تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي،
ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي،
حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي، لالِيءَ آئُون لُڇائِي،
صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي، مِٺِي آھِ مِٺائِي،
اُلُفَتَ ڪَرِ مَ اُنَ سين، قُرِبَ جا ڪَڙائِي،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ سين، وَحدَتَ وَٽَ وِرھائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 12 ]

جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا،
جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان،
قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾، آئُون ڪا لِکِئي مان لِکَ لاھيان،
واڳَ ڌَڻِيَنِ ھَٿَ ۾، ڪيڏانھَن ڪَرَھَلُ ڪاھِيان.
سَدا سُپَيرِيَن لَئي ويٺِي ڪانگَ اُڏائِيان،
اِيندا عَبدِالْلَطِيفَ چئَي، آسَ اُميدَ نَہ لاھِيان.
[ سُر آسا، وايون، 4 ]

شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين،
گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ،
سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي ڀَڄاءِ،
ٿِيءُ تَہ ٿوڪُ پِرائِيين، لاشَڪُ تَنِي لاءِ،
تَرَڪُ ڪَرِ طَلَبَ سين، لاهُوتِي مَ لَڄاءِ،
خُودِي کَڻُ مَ پاڻَ سين، جوڳِيَنِ وَٽِ جَلاءِ،
مَھِندان مَشائِخَنِ جي، چَلَڻَ سَڀَ چَلاءِ،
ڪامُ تُنھِنجو ڪاپَڙِي، سامِيَنِ وَٽِ سَماءِ،
آسَڻَ اَڳِئان اُنِ جي، ٻَر ٻَر ڪِئو ٻاڏاءِ،
سِيھو جا سونُ ڪِري، تَنھِن صُحبَتَ کي مَ سِڪاءِ،
سُرَهِي سَناسِينِ جِي، سُڻِي ڪا سُڻاءِ،
آهِمِ آسَ اِسمَ جي، ڌاڳا تُون ڌُلاءِ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُنِين ساڻُ اَگَهاءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 25 ]

ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين،
اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾،
نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،
گَندَگِيءَ گوشو ڪِئو، عَطرَ اوتَ اوتِئائِين،
اَنڌا مَنڊا آيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو ھَنڌُ ڪونَہ مَٽِئائِين،
قِيمَتَ ڪَمِيڻَنِ سين، جِھَڙِي وَٽَ وَٽِئائِين،
پَسو جو پَيدا ٿِئو، جوھَرِي جِئائِين،
موتِي مَڇِيءَ ھَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِيئَن ڪَڍئائين،
ماڻِڪَ مِياڻِيءَ ۾، ڇِلُرَنِ جِيئَن ڇَٽِئائِين،
ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِئائِين،
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀَ گهورِئائِين،
پاڻِيَٺِ آڻي پاڻَ سين، لالُون لُٽِئائِين،
اُتي عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُڇَلي اَمُلَ ڏِنائِين.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 3 ]