سَڄو جي سنڌي معنيٰ
شيش ثابت، سمورو، سارو. پورو، سڀ، مڙيئي، ڪُلُ، سلامت، جملي. سربستو، پيرائتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Entire, whole, all, perfect.
سَڄو جا بيتن ۾ حوالا
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان،
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرزا ٿِئو،
سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا،
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 25 ]
سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا،
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 25 ]
سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ،
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي، پِرِتان پِيتائِين،
تُرَھي سَندِي تارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيائِين،
ٻَنڌَڻَ جٖي ٻَڌَڻَ جا، سَڀَ ڇِڪِيءَ ڇِنائِين،
دَرياھُ سَڄو دَمَ ۾، لَنئُن سين لَنگهِيائِين،
پِرِتان پيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 21 ]

ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چاءُ،
اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا،
لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِيان.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 14 ]
اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا،
لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِيان.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 14 ]
جِيءُ مُنھِنجو جَنِ، اَنگُڙِيارو وَڍِئو،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان سَڄو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 3 ]
پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان سَڄو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 3 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو،
ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو،
شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرماندِيُون ٿِيُون، ٻائِنِ ٻاڏايو،
چارَڻُ تَنھِن چايو، جَو مارِي آيو مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 9 ]
ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو،
شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرماندِيُون ٿِيُون، ٻائِنِ ٻاڏايو،
چارَڻُ تَنھِن چايو، جَو مارِي آيو مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 9 ]
ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،
پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو،
ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 18 ]
پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو،
ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 18 ]
سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو، تَنِ پُڻي نَہ پارو،
ٻارَڻُ ٻارِينِ نَہ باھِ جو، سَڄو سِيارو،
آرَڙ اُونَهارو، اُوءِ لُڪَ لَکايا ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 13 ]
ٻارَڻُ ٻارِينِ نَہ باھِ جو، سَڄو سِيارو،
آرَڙ اُونَهارو، اُوءِ لُڪَ لَکايا ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 13 ]
جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، تَنِ اَکِيُنِ پُنُون نِينھُن،
سِڪِيُون ٿي سَلامَ کي، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھُن،
سَندو موتِيَنِ مِينھُن، اُنِ تان جالَ وَسايو جَکِري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 24 ]
سِڪِيُون ٿي سَلامَ کي، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھُن،
سَندو موتِيَنِ مِينھُن، اُنِ تان جالَ وَسايو جَکِري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 24 ]
English Meaning
Entire, whole, all, perfect.