ساھَنگو جي سنڌي معنيٰ
سھانگو، سستو، ڪَم خرچ، ڪفايتي، گهٽ قيمت وارو، ارزان. جهجو. سولو، آسان.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Cheap, low priced, economical, affordable
ساھَنگو جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي،
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
English Meaning
Cheap, low priced, economical, affordable