راءُ جي سنڌي معنيٰ
راءِ، راجا، حاڪم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A prince, noble.
راءُ جا بيتن ۾ حوالا
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ،
ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 10 ]

اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ،
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ،
جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
راتِ تَنھِن جِيءَ ماءَ، روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 9 ]

اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين،
چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وينَتِيُون واحِدَ کي، تَنھِن ويرَ ڪِئائِين،
سَٻاجها سائِين، راءُ ريجهائِين راڳَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 1 ]

چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]

ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو،
ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا،
وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان،
ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ ۾، نَہ تَنھِن ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
پاھُ پِرائي آيو، لالِي لُڊُڻِئان،
تُون ڍاٽِي تُون ڍَٽَ ڌَڻِي، تُون راڻو تُون راءُ،
مُومَلَ مُحتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳِياءُ.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 19 ]

ٻِئَنِ مِڙَنِي ڏِنِيُون، ڏي نَہ ڏُونگرُ راءُ،
اَڻَ ڏِٺِيين آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏي ڪِئا،
لوڙِيُون لَکَ مَٿان، اِنَ مَٿيري موٽايُون.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 14 ]

سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي مُنھِن جَڙاءُ،
سَڀَ ڪَنھِن ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
تان پيٺو تَنِ دَران، جي پَسِي پاڻُ لَڄايُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 28 ]

چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ،
پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 29 ]

چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ،
اِھڙوئِي اللهُ، پورِھِيَتُون ٿو پيشِ ڪَري.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 19 ]

ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو وَرَ جو ھومِ واءُ،
چانڪِ کِلي چَڙَھندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ،
ڪَونئُوروءَ جَھِڙِيُون ڪيتِرُون، دايُون دَرَ مَهِندان،
اِھَڙو ئِي اللهَ، جَنھِن کِلَندِيءَ کان وَرُ کَسِئو.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 16 ]