دُورِ جي سنڌي معنيٰ
ڏُور، پري، ڏورانھون، بعيد. علحده، جدا، الڳ، ويڇِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Away, far away, remote
دُورِ جا بيتن ۾ حوالا
تَرسُ طَبِيبَنِ جو، جَڏَنِ ڪِئو نَہ جاتِ،
جَو ويڄَنِ جي واتِ، دارُوئا تَنھِن دُورِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 6 ]
جَو ويڄَنِ جي واتِ، دارُوئا تَنھِن دُورِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 6 ]
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ،
سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون دُورِ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 13 ]
سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون دُورِ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 13 ]
پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا،
ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ،
ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 4 ]
ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ،
ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 4 ]
پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا،
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا،
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
پُڇين جانۡ ٻَروچُ، تانۡ پاسي ڪَرِ پَرھيزَ کي،
جَنِ ڏِٺو ھوتُ، تَنِ دِينَ سَڀَيئِي دُورِ ڪِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 10 ]
جَنِ ڏِٺو ھوتُ، تَنِ دِينَ سَڀَيئِي دُورِ ڪِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 10 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ٻيلِي ناھِ ٻِئو،
ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 16 ]
ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 16 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ساٿِي نَہ پانڌِي،
لَٽي لوڙُه فَقِيرِ جو، ڪالَهہ وَھِئا ڪانڌِي،
جَا دِلِئُون دَرماندِي، تَنھِن کي رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 17 ]
لَٽي لوڙُه فَقِيرِ جو، ڪالَهہ وَھِئا ڪانڌِي،
جَا دِلِئُون دَرماندِي، تَنھِن کي رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 17 ]
مَنزَلَ دُورِ مَ مَٽِ، ڇَڏِ مَ سَيرُ سِڪَڻُ جو،
لَنئُن جِي واٽَ مَ لَٽِ، لَنئُن ريءَ حَيفُ ھُوئَڻَ کي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 18 ]
لَنئُن جِي واٽَ مَ لَٽِ، لَنئُن ريءَ حَيفُ ھُوئَڻَ کي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 18 ]
English Meaning
Away, far away, remote