جَکِرو جي سنڌي معنيٰ
جکرن جي قبيلي جو، سنڌ جو هڪ وڏو سخي حاڪم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
tribal name of great generous king of Sindh in Sama dynasty. Name of a tribe.
جَکِرو جا بيتن ۾ حوالا
جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا سَڀَ اَنِيراءِ،
جِئائِين گهَڙِئو جَکِرو، تِئان نَہ ڪِي ٻِئا،
مِٽِي اِنَ ماڳان، اَصلِ ھُئِي ايتِري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 5 ]
جِئائِين گهَڙِئو جَکِرو، تِئان نَہ ڪِي ٻِئا،
مِٽِي اِنَ ماڳان، اَصلِ ھُئِي ايتِري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 5 ]
سَڌَرُ شَھتِيرَنِ ۾، ڀَرَجَهلو بارِي،
مَنَھَن مُنِي جَکِرو، طامِعَنِ تارِي،
سَمي سُوالِيَنِ کي، ويلھَ وِسارِي،
پُڇي سي پارِي، جَي عاجِزُ اُجُورَنِ ۾.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 16 ]
مَنَھَن مُنِي جَکِرو، طامِعَنِ تارِي،
سَمي سُوالِيَنِ کي، ويلھَ وِسارِي،
پُڇي سي پارِي، جَي عاجِزُ اُجُورَنِ ۾.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 16 ]
جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو،
ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي،
سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن ٻوڙي،
گهوٽُ چَڙِهئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايا پيچِرا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 1 ]
ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي،
سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن ٻوڙي،
گهوٽُ چَڙِهئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايا پيچِرا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 1 ]
جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مَلَ،
سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ،
مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 4 ]
سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ،
مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 4 ]
جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مِيرَ،
مِٽِي اِنَ خَمِيرَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 6 ]
مِٽِي اِنَ خَمِيرَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 6 ]
جِئائِين جُڙِئو جَکِرو، تَنھِن مِٽِيءَ ڪونِهي مُلُهہ،
اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 7 ]
اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 7 ]
پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ،
تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ،
سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 13 ]
تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ،
سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 13 ]
جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ،
اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 17 ]
اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 17 ]
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَنھِن ڏيھَ ڍَيا ڏيئِي،
لُڏِئا ٿي لِينگُنِ ۾، سالُنِ ۾ سيئِي،
سَمي سَڀَيئِي. طاماعُو تارِ ڪِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 18 ]
لُڏِئا ٿي لِينگُنِ ۾، سالُنِ ۾ سيئِي،
سَمي سَڀَيئِي. طاماعُو تارِ ڪِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 18 ]
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جٖي ڏي وِلَهنِ ويلا،
ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِ تازِي طَبيلا،
سَمي سَويلا، طاماعُو تارِ ڪِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 19 ]
ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِ تازِي طَبيلا،
سَمي سَويلا، طاماعُو تارِ ڪِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 19 ]
English Meaning
tribal name of great generous king of Sindh in Sama dynasty. Name of a tribe.
جَکِرو ٻول جا زمرا