تاتِ جي سنڌي معنيٰ
پرورش، پالنا. پر گهور، سنڀال. پچار، اُڻ تُڻ. فڪر، ڳڻتي. يادگيري، سار، ساروڻي، خدمت. پرداخت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Care, nursing, cherishing, caring
تاتِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِينِهي طالِبَ تاتِ جا، آھي تاتِ تَيارُ،
ڏورِيان پِئو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 22 ]
ڏورِيان پِئو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 22 ]
جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ بِہ تَنِي وَٽِ،
ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 23 ]
ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 23 ]
تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون،
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 4 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 4 ]
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ،
اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ،
عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 28 ]
اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ،
عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 28 ]
کامان پَچان پَڄُراَن، سَڙان سارِي راتِ،
ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ،
شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ،
نَڪِي ھَٿِ نَہ ساٿِ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھان.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 15 ]
ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ،
شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ،
نَڪِي ھَٿِ نَہ ساٿِ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھان.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 15 ]
وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي،
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]
جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ وِسَري.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 3 ]
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ وِسَري.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 3 ]
English Meaning
Care, nursing, cherishing, caring