اَڌَرَ جي سنڌي معنيٰ
بي واھي، بي وس، بي وسيلي، لاچار، ويچاري، هيڻي. بنا آڌار، بنا ٽيڪ، بي جهلي، بي مدد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Helpless, incapable, weak, unprotected.
اَڌَرَ جا بيتن ۾ حوالا
اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون کَڻَنِ پاڻَ سين،
اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ،
ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ نَہ ڪَنِ،
ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَنِ، دِلِاسا دَرَماندِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 17 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ،
ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ نَہ ڪَنِ،
ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَنِ، دِلِاسا دَرَماندِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 17 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري،
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري،
ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 5 ]
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري،
ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 5 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي،
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي سَچِي،
سُپَڪُ ٿِي سَيِّدُ چئَي، پَھَڻَنِ مَنجِهہ پَچِي،
مَعذُورِ تي مارو ڪِئو، اولاڪَنِ اَچي،
مَٿي راھَ رَچِي، ٿِي لالَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 7 ]
سُپَڪُ ٿِي سَيِّدُ چئَي، پَھَڻَنِ مَنجِهہ پَچِي،
مَعذُورِ تي مارو ڪِئو، اولاڪَنِ اَچي،
مَٿي راھَ رَچِي، ٿِي لالَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 7 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان،
ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان،
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان،
پِيھان پَچايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 1 ]
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان،
ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان،
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان،
پِيھان پَچايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 1 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين،
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون،
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 3 ]
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 3 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي،
لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي،
ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ اَصِيلِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 4 ]