اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ جي سنڌي معنيٰ
”الله ايمان وارن جو مددگار آھي ۽ انهن کي اونداھين مان روشنيءَ طرف ڪڍي ايندو آھي.“
(قرآن مجيد جي سورہ بقرہ آيت نمبر 257)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Allah is the Wali (Protector or Guardian) of those who believe. He brings them out from darkness into light."
(Holy Quran, Soorah Al-Baqrah, Ayah No: 257)
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ جا بيتن ۾ حوالا
مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن نَوَنِ،
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ، اِھَڙِيءَ پُرِ پُرَنِ،
وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُّ مَنْ عَلَيْـهَا فَانٍ ، باقِي ڪِينَ پَچَنِ،
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِى يَسْمَعُ وَ بِى يُبْصِرُ ، بِي وِصالِ وِھَنِ،
بي يَمشِي وَ بي يَنطِقُ ، ٿا ايھِيءَ چالِ چَلَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 1 ]

صُلِحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيڄَ ماڻِيندا سي،
الَّذِينَ آمَنُوا وَڪَانُوا يَتَّقُونَ ، اِنَ پَرِ اُڀا جي،
نيئِي نُوڌي تي، ڏِکِي چِٽي چاڙِھئا.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 15 ]

ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]

رييَئُون راضِي رُوحَ ۾، مَٿي رَبَ رَضا،
مَڃِئائُون مَحَبتَ سين قادِرَ جِي قَضا،
رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ ، جوڳِيَنِ اِيءَ جَزا،
ڏيئِي ساھَ سَزا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 10 ]
مَڃِئائُون مَحَبتَ سين قادِرَ جِي قَضا،
رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ ، جوڳِيَنِ اِيءَ جَزا،
ڏيئِي ساھَ سَزا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 10 ]
English Meaning
"Allah is the Wali (Protector or Guardian) of those who believe. He brings them out from darkness into light."
(Holy Quran, Soorah Al-Baqrah, Ayah No: 257)
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ٻول جا زمرا