ھوڏَ بابت
معنيٰ
تڪبر، هٺ، وڏائي، واڏ، ضد. شرط، بازي. حجت، هلندي، هٿ پڄندي.
Obstinacy, perverseness, dispute, stubbornness. A bet, wager.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا، جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ، ھِنيَين مُنھِنجي…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ھوتَ نَہ پَھچان ھوڏَ، آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، تِکا وَڃَنِ توڏَ، اوڏِي ڪَري اوڏَ، پَھچائِجِ پُنهونءَ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان گهَرِ اَچين سُپِرِين، ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي، جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- مَڻيي مَٿي جٖي ھُئا، تَنِ چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ، ھارُ کَٽَندِيَسِ ھوڏَ ۾، نيبَھُ ٿِيندُمِ نِتُ، ڪَؤُنرؤ جو ڪِرِتُ، مُونھان مَٿاھُون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، چَرِئو چِتُ ٿِئوءِ، ھارِي ڪِنِيءَ ھوڏَ کان، ڪُڄاڙو سَرِئوءِ، اَڳھَيِن اَنگُ وِنگوءِ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي راتِ، چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ، تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ سَڀَ نِھارِئا، وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ، ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]