ڳُڻُ بابت
معنيٰ
گُڻَ احسان، ٿورو، مهرباني، ڀلائي، لائق، ڀال، وڙ، گُڻُ، لڇڻ، عادت. خوءِ، خصلت، خوبي. هنر، فن، لياقت.
Merit, quality, property, habit, excellency
بيتن ۽ وائين ۾
- تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ، ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي، نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو. جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي. لاتِ جَا لَطِيفَ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- جيڪِي ڏِنائُون، سو مان ڳُڻُ ڳَنڍِ ٿِئو، مُون کي پُڇِئائُون، ٺوڪي اِنَهِيءَ ٺوڪَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اَڃا ٿِي جِيَين، سَڄَڻُ سارِئو نَہ مَرين، وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين، لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ…[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو، ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ، سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ھَنجَنِ سين ھيڪارَ، جي ڳُڻُ ڪَري نِھارِيين، ٻَگهَنِ سين ٻِھارَ، ٻيلَ نَہ ٻَڌين ڪَڏِھِين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]