گُوندَرَ بابت
معنيٰ
ڳڻتي، فڪر، خيال، تات، سنڀال، خبرداري، سڌ سماءُ، نظر، چنتا، اونو، انديشو، اُڍڪو، پرگهور، پردانت. سُورُ، ڏُکُ.
Care, heed, concern, anxiety.
بيتن ۽ وائين ۾
- سامُونڊِيءَ ڪو سَڱُ، آھي گُوندَرَ گاڏَئُون، اَنگهُنِ چاڙھي اَنگُ، وِئو وَڻِجارو اُھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ، جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ، مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ، اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ، لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ، پُرڻُ پُنهونءَ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- جَڏھِن پيئِي ڇَٽَ، ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، پَرَھي ويٺِيُون پَتَ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن پيئِي بُوءِ، راڻَنِ وَرِي رُوءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ، ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- اوٺِي پُڻ ڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ايھِيءَ پَرِ اورا، گُوندَرَ جا گورا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا، ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا، گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- سُورَنِ سانڍِيياسِ، ڏُکَنِ نِپاياسِ، سُکَنِ جي سَيِّدُ چئَي، پُکي نَہ پيياسِ، جيڪُسِ آئُون ھُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لُڇَڻُ نَہ لاھِينِ، گُوندَرَ ھِنَ غَرِيبِ تان، پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ، سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- آيا آسَ ٿِئامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، پَسِي پَھَرَ پُنهونءَ جِي، نُنھِن سين نيڻَ ٺرِيامِ، گُوندَرَ وِسَرِئامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ جو، سُونھائي سُورَنِ ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي، اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ، آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، سامِي سُورَ سِبَنِ، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو، ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙَمِ سَڄَڻين، مادَرِ مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِيَنِ جي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو، ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ، مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءَ مُنھِنجِي جِيءَ کي، ڏُکويُنِ جو ڏيجُ، روئَڻُ رَتُ پِرِيَنِ لَيءِ.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ وِڌو وَرُ، مُون کي مُون پِرِيَنِ جي، اَچِي دوسِتَ ڌَرِ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اُٺي جِيئَن مورَنِ، اوڀَڙَ وَلَهارَنِ ۾، سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُھ ڦوڙايو سَڄَڻين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ، مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَکا پَکارِئو، تَڙِ تَماچِي آيو، گُوندَرَ لاھِيو گَندَرِيُون، آتَڻ اُجارِئو، مَڪُڙِيُون سين موتِيين، سَهجا سِينگارِئو، ڪِينجُهرُ قرارِئو، سَمي سامَ بَخشِي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]