گهاءِ بابت
معنيٰ
ڌڪ سان، زخم سان، گهاءَ سان
Alongwith injury, with hitting, with wound
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورَو لاءِ، پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ، ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ، ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سودو اِھوئِي سَڦِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ، وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ، ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ، جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- مَدِيني جا مِيرَ، سُڻُ سَندا مُون سَڏَڙا، جٖي سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سِيرَ، سي پارِ لَنگهاءِ پَھِيڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]