ڪِٿي بابت
معنيٰ
ڪاٿي، ڪھڙي هنڌ، ڪھڙي پاسي، ڪھڙي جاءِ تي، ڪاڏي! ڪيڏانهن؟ ڪٿي نہ ڪٿي. ھنڌ ڄاڻڻ لاءِ سوالي نشاني.
Where? In what place?
بيتن ۽ وائين ۾
- پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو، نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ، عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڪِٿي ھُوندَمِ ھيرَ، ھِينئَڙي سَڄَڻَ سارِئا، اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ، ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي پِريان جا پَکَڙا، جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ، جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڀَلو ڀَلو ٻانڊَ، لُڙِھين لَهِرِنِ وِچَ ۾، ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي، ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ، جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- دائِمُ جَا دَرياھَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوھُ، آھيسِ اِيءُ اَندوھُ، پاڻِي ڪِٿي تَہ پِيان.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ، ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ، ساڻِي ٿيندو سِيرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڳِجهُون ڳاڙھي واتِ، اَڄُ اُڏامِي آيُون، پُڇَنِ ٿيُون پِرڀاتِ، ڪِٿي راوَتَ رانِئيا.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ پيرُ ڏِٺائين پِرِينءَ جو، پيرُ سُڃاتائِين پِرِينءَ جو، مَنجهان نِينھَن نِرتي، ھُو وِھِيا وَڻِڪارَ ڏي،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَنھِن تَڙِ ڏيھائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينھَڙا، مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويھِي ڪَرِ وائِي، آئُون اَڳَ ڍائِي ، مَنَ سَنِيھو…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- سِڄُ لَھي سانجِهي ٿِي، وَڻين ڪِئائُون ويرَ، ڪِٿي ھُوندا ھيرَ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]