ڪَپارَ بابت
معنيٰ
کوپري، کوپڙي، ڪاپار، ڪيپراٽي، سِرُ، مٿو، ڪنڌ. (قسمت، ڀاڳ، لِکيو، نصيب، بخت).
Cranium, upper part of skull.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو، لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو، مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين، ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ، مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَھي جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ، کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾، ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ، ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ، مُنھَن ڪاري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڳائو ڳِجَهہ نَہ کاءِ، ميھي ماسَ نَہ ھيرُئِين، ويٺِي تَنِ واجهاءِ ڪَنلگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ ڪَپارَ، مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، پِريَتَڻِي پَچارَ، توکي سَنَدَ سَسُئِي، سَندِي لَنئُن لَغارَ، جَي ھُونِئِي ھوتَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏارَ، ٻَھَ ٻَھَ ٻيلايَنِ جي، ڪانڀُوءَ ۾ قَطارَ، لَڪَنِ مان لَطِيفُ چئَي، نُوڙِئو ڪَري نِھارَ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- موٽِي مَڱڻَھارَ، شالَ مَ اَچين ڪَڏِھِين، اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ، جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ، ڪِينهي مَنجِهہ ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ڪوڙيِين ھُونِ ڪَپارَ، تَہ وارِيو وارِيو وَڍِيان سِسِيءَ کي سَؤُ وارَ، تَہ پُڻ تَندُ تَنوارَ، تُنھِنجِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي، ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي، ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي، ڪَڍِي تَنھِن…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو، ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ، صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ، ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين سَرِ، ويھِي ڪِي وَڏاڻَ سين، پاٺَ پَنھِنجِي پَرِ، ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا، مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ، مَينڌَري مُلاءُ، لَڳُسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ، ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ، جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سي نَہ سُڻِينِ، اَندَرِ جٖي آھِينِ، سُڻُ سَنِيھو تَنِ سين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِئُون نَہ لَھي راتِ مُنھِنجي رُوحَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ، آءُ ساڄَنَ لَھُ سارَ، وِرِھَ ويڙِھِي…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- سَڄَڻَ سَنڀِرِئامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ ۾، جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پِرِين نَہ وِسَرِئامِ، ھَرِئا ھَٿَ ٿِئامِ، نيڻنئون نِيرُ وَھي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]