ڪَلاڙَ بابت
معنيٰ
شراب چڪائيندڙ، شراب ڪڍندڙ، شراب موڪليندڙ، ڪلال، آبڪار.
A sect of Hindus whose profession originally was distilling spirits, a wine seller, distiller.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا، ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ، مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ، سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ، مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ، جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ، وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ، جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو، قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڪَلاڙَنِئون ڪا، مَتِ نَہ سِکِيين مُون ھِنيان، رُوندي راتِ وِھاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻَ موکِيءَ جٖي مارِئا، ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ، تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ، اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ، ڪَري…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]