ڪاتِيءَ بابت
معنيٰ
وَڍَ ٽُڪ لاءِ هڪ تِکو اوزارُ، ڇُري، وڏو چاقو. سون چاندي وڍڻ لاءِ سونارڪو اوزار، انبوري، ڪاتُ.
A large knife, a dagger.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾، پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ، عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي تُون سِڪَڻُ سِکِئو، تَہ ڪاتِيءَ پيئِيءَ مَ ڪِنجُهہ، سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ، اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھُ ڏٺومِ، ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ، جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڪاتِيءَ تان نَہ ڪَھِين، مَنُ وِجُهلَڻَ وَڍِئو، مَارِيَسِ سُورَ تَھِين، جو نَہ جِياري جيڏِيُون.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪاتِيءَ تان نَہ ڪُٺو، مَنُ وِجهلَڻَ وَڍِئو، جَنِي ماءَ مُٺو، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪاتِيءَ جِھَڙِيءَ ڪارِ، کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، چاڪَ وِجَهنِ ٿِيُون چارِ، ساجَنَ سَنئُون نِھارِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]