ڏاھَ بابت
معنيٰ
باھ، مچ، آڙاھ، وڏي تپش (۾ ساڙي).
Put on fire.
بيتن ۽ وائين ۾
- آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ، چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ، پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ، جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي، ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين، سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪيڏاھَن اُٿِي وييُون، ڪيڏاھَن گِهنڊَ گُڙَنِ، تيڏاھَن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏاھَن پُٺِ ميھارَ جِي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين، وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين، ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين، مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا، دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ، پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ، جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ، ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ، سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- سَؤُ سِرَنِ پائي، جانۡ تَندُ بَرابَرِ تورِيان، اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏاھَن ٻِيجَلُ ٻُرائي، سَکِڻو ھَڏِ آھي، ھِنَ سِرَ ۾ سَڃَڻُ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾، مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا، اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،…[ سُر پورب - وايون ]