ڏاڏاڻا بابت
معنيٰ
ڏاڏي جا، ڏاڏي جي رشتي وارا، اباڻا، ڏاڏي جي آڪھ جا، ڏاڏاڻڪا.
Of or related to grand father.
بيتن ۽ وائين ۾
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جھانَ، اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ، پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي، وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي، نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي وِڇاڻا، پَسِئو پَرَ پَچي ھِنيُون، حَبِيبَنِ ھاڻا، ھِڪُ ڏُونگها ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نَہ مَينڌَرو.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- جَو ڏيھَ ڏاڏاڻا آيو، ڏِنُمِ تَنھِن طَعنو، پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو، مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جٖي هِتِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، وَطَنَ ريءَ ويھِي، مارُو ڏِيندَمِ مُنھَن ۾، ڏاڏاڻا ڏيھِي، پَکَنِ مَنجِهہ پيھِي، شَلَ مَحَلنِ جِي مَرُ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]