ڀَنڀوران بابت
معنيٰ
شھر ڀنڀور کان، ڀنڀور شھر پاران، ڀنڀور ڏانھن. (ڀنڀور، سسئي جو اصلوڪو شھر)
From by or relate to Bhanbhore city. (The city where Sassui was born)
بيتن ۽ وائين ۾
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان اَڳي اَڄُ، ھُئِين جان ڪِي تان جِيئَري، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ، پُنُوھَ سين پَھَڄُ، تَہ مَلَڪُ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ وِئا، پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، مُون جٖي ڪِئا سَڏَ، ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سويرا لَنگهِئا.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اَماڻِ، اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڀَنڀوران اُجاڙَ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان، مُون سين تَنھِين پاڻَ، ڏُکان ھَڏِ نَہ اورِئو.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڀينَرُ ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَھو، اَڳي ھِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن تِيئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي، ڳَھِلو ٿو ڳالِهيُون ڪَري، وِرسِئو ڀُڻي وَڳُ، لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]