پَنُ بابت
معنيٰ
لڄ، پَتِ، حفاظت، اَمانُ.
Honour, bashfulness, mod-esty, sense of decency.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پَنُ، تِئان ڇاڻي ڇَڳيُون، مَيي رَتو مَنُ، تَنھِن وَلِ سَندو وَڻُ، ڪُوماڻو ڪوڙِ لَھي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- پُورِئا دَرَ مَ پَنُ، جَنِ پِنِيي پُورَتِ نَہ ٿِئي، ڏيھَ ۾ ڏاتَرُ ھيڪِڙو، نانءُ تَنھِين جو ڳِنُهہ، جَو زَينَ رَساڻي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- مارُئِي نَہ ڄائِي، تَہ مارُو نَہ پِئا مامِري، ديسُ ڇَڏي پَرَديسَ ۾، ڪَنھِن ايرادي آئِي، جا ڄارِيُنِ ۾ ڄائِي، تَنھِن…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، ساري ڏيجِ سَلامَ، سِيلُ نَه ڀَڳو سُومَري، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ، سَندي اُمَتَ ڄامَ، رِکئو پَنُ پَنوَهارِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]