ٻانھَن بابت
معنيٰ
بازو، هڪ عضوي جو نالو. ھٿ ۽ ڪلهي جي وچ وارو حصو، چولي، ڪوٽ وغيرہ جو ٻانھن وارو حصو، آستين. آڌار، ٽيڪ. قوت، سَگهہ. وَسُ
Arm, brachium, upper limb or extremity
بيتن ۽ وائين ۾
- واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪِھَڙي دانھَن، ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن، لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ، آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڪَنڌِيءَ جَهلِيو ڪانھَنۡ، عاشِقُ آھُون ڪَري، تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟ دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جَا ڪَچِي ڪانِي ڪانھَنۡ، سا ٻُڏَ ڪَڍي ٻارِ مان، يا لنگهائي لَطِيفُ چئَي، يا ڌُرِئا ڪَري دانھَن، ڪَماحَقَّہٗ ڪَکَنِ جِي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جانۡ ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانھَنۡ، تانۡ تاڻي ٻڌِجِ تُرَھو، ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن، سَندِي ڪَپَرَ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو، اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن، ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي لاتِيُون ڪَري، اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن، ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن، مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- جَي هُوندَ هِتي هُئِي مارُئِي، تَہ لَڌيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ، اَرادا سِئُمِ عُمَرَ کي، ويجهو ٿِي وَٽانسِ، جَي نَہ ڇَڏِيائِين ڪِ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾، جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي، سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]