وِڄَڙِيُنِ بابت
معنيٰ
کنوڻينِ، تجلن، آسماني چمڪاٽن، بجلينِ، وِڄلينِ، برقينِ، بجرنِ، دامنينِ.
Lightenings, thunder-bolts.
بيتن ۽ وائين ۾
- روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو، ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو، ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو، جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ، اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون، اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري، وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاھي ڪاماري، وُٺا پَٽَ پُراڻِ جا، اُٺِيُون ساماري، ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، پَسو وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مُون کي عُمَرَ اُداسِي ڪِئو، وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ، کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي، وِڄَڙِيُنِ واري، سُورُ تَنِي جو سُومَرا، مُون کي ٿو ماري، اللهَ اوتاري، مَنَ مارُوءَ جي ميڙِيين.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِيُون کِنوَنِ، پائُرُ سَڀَ پُسائِيو، وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مارُوءَ ري مَ مَرَنِ، اللهَ آسائِتِيُون.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا، مَٿان آئِي مُندَ، اَکِيُون اَباڻَنِ ڏي، بَسِ نَہ ڪَرِينِ بُوندَ، هِيئَن نَہ ٿِيَسِ هُوندَ، جَي ڪَرَ لَڌائُون…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]