وِٺِ بابت
معنيٰ
پکين جي ڪرفتي، پکيءَ جو گند.
The excrement of birds.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏوھُ مُنھِنجي ڏينھَن کي، جَتَ ڀَليري ذاتِ، اوچِي وِٺِيَڙَنِ جِي، بِهتَرِ آھي باتِ، تيَلاھِين پِرڀاتِ، پُنهون نِيائُون پاڻ سين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾، مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا، اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،…[ سُر پورب - وايون ]
- لُڙُ جو ھيٺِ لَئي، وِٺِنِ ھَڻِي وِڃايو، پِيتو تَنِ پييُون، جائُون مَنجِهہ جَئي، ڊوڙُون مَنجِهہ ڊَھي، ڪَنگَ ڪُڄاڙِئان پائِيين.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]