وَھِيڻِي بابت
معنيٰ
تابع، اختيار، محتاج، هٿ وس، قابو ۾، اَڌين، ماتحت، تليدي، ڪاڻياري، ٻئي جي آڌار يا آسري تي، ٽيڪ تي.
Submissive, subject, bound to.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٽانڊين ڪانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي، ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي، تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي، ويڄَنِئان…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ سيئِي، پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي، ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا، جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان، قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾،…[ سُر آسا - وايون ]